ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملو 27 شهيد 62 کان مٿي زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 27 ڄڻا مارجي ويا ۽ 62 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌماڪو ريلوي اسٽيشن اندر پليٽ فارم تي 8.25 وڳي ان وقت ٿيو، جڏهن جعفر ايڪسپريس پليٽ فارم تي لڳڻي هئي. ڌماڪي جي وقت ريلوي اسٽيشن تي جعفر ايڪسپريس مان مسافر پشاور وڃڻ جي تياري ۾ مصروف هئا. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽ گهر ويجهو ريلوي اسٽيشن تي پهتي جڏهن ٽرين اڃا پليٽ فارم تي نه آئي هئي. پوليس سرجن ڊاڪٽر عائشه فيض مري ويلن جي انگ جي تصديق ڪندي چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪي جي 22 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو. ايس ايس پي آپريشنز محمد بلوچ جو چوڻ هو ته ظاهري طور ڌماڪو آپگهاتي حملو هو، ڌماڪي وقت پليٽ فارم تي 100 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. صدر، وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي مارجي ويلن جي لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي بلوچستان حڪومت کان واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ بيان موجب ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪندي 22 ماڻهن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سندن جاري ڪيل بيان م دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي ’فدائي‘ حملو مجيد برگيڊ پاران انفينٽري اسڪول جي هڪ فوجي يونٽ جي واپس ويندڙ جوانن تي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو