ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي لاهور پاران 8 وڪيٽن تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي 20هين ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئٽا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. فخر ۽ ڪامران غلام جون ففٽيون، فخر 53 تي آئوٽ پر ڪامران غلام 55 تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئٽا جي بيٽنگ ناڪام ٿي وئي. جيسن راءِ کي شاهين آفريدي پهرين اوور ۾ زيرو تي ڪيچ ڪرايو، آهسن به ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو، جيمز ونس زيرو تي واپس ٿيو ڪپتان سرفراز به 12 رنز ڄاهي سگهيو، جنهن بعد افتخار۽ عمر اڪمل بهترين بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سهاورو ڏنو. عمر اڪمل هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 25 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي ديود ويزي هٿان ڪيچ ٿيو. افتخار احمد ففٽي مڪمل ڪئي پر پوءِ جلدي آئوٽ ٿيو. هن 3 ڇڪا ۽ 2 چوڪا هنيا، 39 بالن تي 52 رنز ٺاهيون.

نور احمد 13 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪوئٽا 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنز ٺاهيون. جنهن جي جواب ۾ لاهور به محتاط انداز ۾ بيٽنگ جاري رکي عبدالله شفيق 3 چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 19 رنز اهيون ته مدثر جي بال تي افتخار هٿان ڪيچ ٿي ويو. لاهور 11 اوورز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 86 رنز ٺاهي چڪي هئي. فخرالزمان 37 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو