لاهور(ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي ۽ ڪوئٽا گليڊيئٽرز ۾ اهم ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي، پشاور تاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنز اسڪور ڪيون. شعيب ملڪ ۽ حسين طلعت ففٽيون مڪمل ڪيون جڏهن ته محمد حارث 29 ۽ بين ڪٽنگ 36 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڪوئٽا جي بالر نسيم شاهه 27رنز ڏئي4 وڪيٽون ورتيون. ول سميڊ 99 رنز تي بولڊ ٿي ويو.
جواب ۾ ڪوئٽا 8 وڪيٽن تي 161 رنز ٺاهي سگهي ۽ پشاور کين 24 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. عثمان 25 رنز تي 3 وڪيٽون ورتيون. ان کان اڳ ڪوئٽا جي اننگ جيسن راءِ ۽ ول سميڊ شروع ڪئي، جيسن راءِ هن ميچ ۾ به جلدي آئوٽ ٿي ويو ليم لِونگ اسٽون جي ٻاهر ويندڙ بال کي شاٽ هنيو ته وهاب کيس ڪيچ ڪيو 13 رنز تي. جنهن بعد ون ڊائون جيمز ونس کي عثمان قادر زيرو تي بولڊ ڪيو. جنهن بعد سرفراز ۽ ول سميڊ اسڪور اڳتي وڌايو، سرفراز 21 بالن تي 25 رنز اسڪور ڪري ڪيچ ٿيو، افتخار 10 تي ڪيچ ٿيو، عمر اڪمل هڪ رن تي ڪيچ ٿيو، ول سميڊ 99 رنز تي فل ٽاس بال تي انسائيڊ ايج ٿي ارشاد جي بالي تي بولڊ ٿيو. هن 3 ڇڪا ۽ 12 چوڪا هنيا ۽ 60 بالن تي 99 ٺاهيون. آخري اوور ۾ 30 رنز گهربل هيون ارشاد کي پهرين بال تي وڪيٽ ملي.۽ سهيل تنوير آئوٽ ٿيو،
عام طور تي ٽاس کٽيندڙ ٽيم فيلڊنگ ڪندي آهي. ياد رهي ته هن وقت ملتان سلطان پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ تي آهي، ٻئي نمبر تي لاهور، ٽئين نمبر تي اسلام آباد، چوٿين نمبر تي ڪوئٽا ۽ پنجين نمبر تي پشاور آهي. ڪراچي لڳاتار 7 ميچ هارائي پلي آف مان آئوٽ ٿي چڪي آهي.