اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين اڳواڻن ڪوئٽه ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم بلوچستان حڪومت کان واقعي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان، مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم عمل آهي.بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردانه ڌماڪي ۾ پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ڌماڪي جي زخمين جي بهتر علاج کي يقيني بنايو وڃي، معصوم شهرين کي نشانو بنائيندڙ انسان چورائڻ جي لائق نه آهي، انهن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ملڻ گهرجي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي واري جنگ بابت پيپلز پارٽي جو موقف قوم جي آواز آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جڙ کان ختم ڪرڻ وارن قدمن جي حمايت ڪريون ٿا.گهرو وزير محسن نقوي ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بنجندڙ دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. سموريون همدرديون فوت ٿي ويلن جي وارثن سان گڏ آهن. هن ڌماڪي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جو دشمن عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ اها بزدلانه ڪارروائي ڪري رهيو آهي. قوم گڏجي هن سازش کي ناڪام بنائيندو.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان به ڪوئٽه ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي ۾ هينئر تائين 25 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جا اطلاع آهن، بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف به ڪوئٽه ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، وزيراعليٰ ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوئٽه ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ جي خبرن کان پوءِ دل ڏکويل آهي. جي يو آءِ ڪارڪن اسپتال پهچي تعاون ڪن.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور