ڪوئٽا خودڪش بمبار جا تفصيل جاري

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملو ڪندڙ بي ايل اي جي دهشتگرد محمد رفيق بزنجو جا تفصيل ۽ تصويرون ۽ بي ايل اي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون آهن.تصوير جي فورنزڪ آڊٽ ڪرائڻ تي خبر پوي ٿي ته اهو دهشتگرد مٿي کان پيرن تائين پرڏيهي هٿيارن ۽ سامان سان ڀريل آهي. تصوير ۾ دهشتگرد محمد رفيق آمريڪي ساخت جي ايم فور رائفل کڻي رکي آهي جيڪا صرف افغانستان ۾ ڊالرن جي حساب سان خريد ڪري سگهجي ٿي.دهشتگرد رفيق کي جيڪو يونيفارم پاتل آهي اهو به يو ايس ميرين ڪور جو آهي. اهڙي طرح ايمونيشن ميگزين جيڪيٽ ۽ ٽوپي به آمريڪي ساخت جي آهي.را طرفان ڊالرن عيوض ملندڙ اهو سازو سامان بي ايل اي جا دهشتگرد افغانستان مان خريد ڪري معصوم پاڪستانين جو قتل عام ڪري رهيا آهن. سموري قوم کي اهڙن پرڏيهي فنڊنگ سان هلندڙ دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج سان گڏجي هلڻو پوندو ته جيئن هن ملڪ مان دهشتگردن جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو