ڪورونا سبب پي ايس ايل 6 ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل کيڏندڙ 7 رانديگرن جا ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت اچڻ ۽ عير ملڪي رانديگرن پاران ليگ ڇڏڻ بعد پي سي بي اتظاميه پي ايس ايل  6  کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آسٽريلوي رانديگر دين ڪرسٽين سميت  ڪيترين ئي پرڏيهي رانديگرن جي هٿ کڻڻ سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو، پي سي بي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جو ڇهون ايڊيشن ملتوي ڪيو ويو، پي ايس ايل 6 دوران 7 رانديگر ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن،  جنهن جي ڪري ڪراچي ڪنگز جو رانديگر ڊين ڪرسٽين به پي ايس ايل کي ڇڏي چڪو آهي، جنهن جي تصديق پي سي بي طرفان ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جو آغاز 20 فيبروري تي ٿيو هو ۽ ايونٽ ۾ هن وقت تائين 14 ميچز ٿي چڪيون آهن.رانديگر جنهن هوٽل ۾ رهيل هئا ان م شادي جون تقريبون ٿينديون رهيون ۽ لفٽ ۾ اچ وڃ دوران ڪورونا ڦهليو.

پهنجو تبصرو موڪليو