ڪورونا سبب 2020۾ حدف مڪمل نه ٿي سگهيو،ماحور شهزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي نمبر ون بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماحور شهزاد چيو آهي ته ڪورونا 19 سبب 2020 ۾ حدف مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ماحور شهزاد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 2020 جي شروعات شاندار هئي.وڌ کان وڌ ايونٽس کيڏي ٽاپ 100 ۾ شامل ٿيڻ ٽارگيٽ هو پر عالمي رينڪنگ کي بهتر نه بنائي سگهيس. هن چيو ته مان جنوري ۾ چوٿون ڀيرو نيشنل بيڊمنٽن چمپين شپ کٽيو، فيبروري ۾ يوگنڊا ۾ برائز ميڊيل کٽيو. ڪينيا ۾ سلور ميڊل کٽيو ته ڪيريئر جي بهترين رينڪنگ 133 ٿي وئي. ماحور شهزاد جو چوڻ هو ته ايندڙ حدف اهوئي هو ته وڌ کان وڌ ايونٽس ۾شرڪت ڪريان ته جيئن پنهنجي عالمي رينڪنگ کي ٽاپ 100 ۾ کڻي اچان.مان پرڏيهه ۾ ٽريننگ به ڪئي. هن سال به پرڏيهه ٽريننگ تي وڃڻ جو پلان هو. پر ڪورونا سبب ڪوبه پلان مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪو ٽارگيٽ حاصل ٿي سگهيو. هن چيو ته مان اڪيلي ناهيان ڪورونا وائرس سبب اهو سال سٺو نه رهيو پر مون جيان ٻيا به کوڙ رانديگر آهن. بيڊمنٽن گورنس بند هجڻ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.ٽريننگ جو اهڙي طرح موقعو ناهي ملي سگهيو جهڙي طرح موقعو ملڻ گهرجي ها. اهڙي طرح جتي راند تي فرق پيو آهي اتي فزيڪل فٽنس به متاثر ٿي آهي ڇو ته گهر تي رهڻ جنهن حد تائين ٽريننگ ڪري سگهان ٿي اها ڪري رهي آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو