ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪين ۾ ڏندن جي بيماري

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار مريض وڏي پيماني تي ڏندن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ماڻهن جا ڏند ڀُري رهيا آهن. نيويارڪ ٽائمز پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مينهيٽن جي ڏندن جي ڊاڪٽرياڻي ٽيمي چين ٻڌايو ته هن وٽ 6 هفتن ۾ ايترا مريض آيا آهن جيترا 6 سالن ۾ به نه آيا هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وائرس ۾ مبتلا مريضن کي مٿي ۾ سور، ڊپريشن، ڏندن ۾ سور، ڄاڙي ۽ مهسوڙن يعني مهارن ۾ سور جي شڪايت سان گڏ ڏندن ڀُرڻ جي شڪايت ڪن ٿا. هن چيو ته ڪووڊ دوران گهر مان ڪم ڪرن دوران نامناسب پوزيشن ۾ ڪم ڪرڻ به ان جو سبب ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ورڪ اسٽيشن ٺيڪ ڪريو، سمهڻ مهل رات جو نائٽ ٽوٿ گارڊ استعمال ڪيو وڄي ۽ ڄاڙين کي ڪمفرٽ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو