ڪينبرا(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٿيل ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي دنيا جو تيز ترين 12 هزار رنز ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. هن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڪوهلي 11 هزار 977 رنز اڳ ۾ ئي ٺاهي چڪو هو ۽ 12 هزار رنز مڪمل ڪرڻ لاءِ 23 رنز گهربل هيون.
انٽر نيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل ٽوئٽر تي اعلان ڪيو ته 242 اننگز م هن اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي. ميچ ۾ ڪوهلي مجموعي طور 5 چوڪن جي مدد سان 78 بالن تي 63 رنز ٺاهيون. اڳ ۾ سچن ٽنڊولڪر 300 اننگز ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو.