ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ بازارون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوهيڙي جي خاتمي لاءِ موثر قدم نه کڻڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.لاهور هاءِ ڪورٽ سمورين خانگي آفيسن کي 2 ڏينهن گهر کان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت آچر تي بازارون مڪمل بند رکڻ جو حڪم ڏيندي دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو به حڪم ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ ٽريفڪ پوليس کي دونھون خارج ڪندڙ گاڏين کي فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڊولفن پوليس به ٽريفڪ پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو