اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته مونکي ڪنهن جو به ڪو خط ناهي مليو ۽ جيڪڏهن مليو به ته اهو نه پڙهندس ۽ ڪاروائي لاءِ وزيراعظم کي موڪليندس. اهڙو اظهار هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوگان سان ملاقات بعد سندس مان ۾ وزيراعظم پاران ڏنل دعوت ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان هيستائين آرمي چيف کي 3 خط لکي چڪو آهي جنهن ۾ 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي، ان جي نتيجي ۾ موجوده حڪومت جي قيام، پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سياست ۾ فوج جي مداخلت سبب عوام ۽ فوج ۾ وڌندڙ ويڇا ختم ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين تي فوري نظرثاني ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون هيون. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي.
