ڪو نئون ڪينال نه ٺهي رهيو آهي، مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واضح پيغام ڏنو ته ڪو نئون ڪئنال نه ٺهي رهيو آهي. عوام جي خدشن کي گهٽائيندي هن چيو پاڪستان پيپلزپارٽي (پ پ پ) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذاتي طور تي مختلف علائقن جو دورو ڪندو ۽ شهرين کي يقين ڏياريندو ته اهڙا ڪي به ڪئنال نه ٺاهيا ويندا. مزار قائد تي صحافين سان ڳالهائيند هن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته ڪڏهن به ڪنهن قسم جي غلط معلومات سامهون آئي ته ان جي وضاحت ڪئي ويندي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جڏهن به ڪئنالن جي تعمير جا منصوبا ٺهندا ، وڌيڪ ڪنهن به آباديءَ کي بي گهر نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن پاڻي محفوظ ڪرڻ بعد آبادي ۾ ڪنهن واڌ کي ممڪن سمجهيو ويندو آهي ته سنڌ حڪومت ان سهولت لاءِ تعاون ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول بهٽو زرداري جي قيادت ۾ خاص منصوبن سان گڏ سندس حڪومت پهرين ئي ڪوآپريٽوفارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي زراعت جو وزير ۽ ڪوآپريٽو کاتو انهن شروعاتن تي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير حيدرآباد سکر موٽروي جي تعمير ۾ سست روي ته پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود ان تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو. هن زور ڏنو ته هي موٽر وي نه صرف سنڌ لاءِ پر سڄي پاڪستان لاءِ آهي ڇو ته ان سان واپار ۾ نمايان اضافو ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت موٽر وي لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، پر هن ترجيح جي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جڏهن هي مسئلو پهريون ڀيرو قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) ۾ اٿاريو ويو هو ته سنڌ اعتراض ڪيو هو . اهو روڊن جي تعمير بابت نه هو پر برابري واري ترقي جي غير موجودگي بابت هو جيڪو آئين طرفان لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي کي ٻين ضلعن سان ڳنڍڻ بدران ان جي تعمير پهرين مڪمل ڪئي وڃي. هن اهو پڻ چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت منصوبي ۾ حصو وٺڻ جي پابند ناهي پر منصوبي جي تڪميل کي تيز ڪرڻ لاءِ اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي-ٺٽو موٽر وي، جيڪو هڪ وفاقي منصوبو هو وفاقي اختيارين پاران ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ حڪومت ڪجهه حد تائين فنڊ فراهم ڪيا هئا. ساڳئي طرح ڄامشورو.سيوهڻ روڊ جي واڌ لاءِ سنڌ 50 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا پر 8 سال گذرڻ جي باوجود وفاقي حڪومت ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. صوبائي خودمختياري جي حوالي سان ڳالهائيدي وڏي وزير واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به وفاقي اداري کي صوبي جي رضامندي کانسواءِ صوبي ۾ منصوبا شروع ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي ڇو جو اهڙي طرح جي قدمن سان ڊپليڪيشن ٿي ويندي آهي ان حوالي سان هن ماضي جي مثالن جو حوالو ڏنو.،خاص طور عمران خان جي دور ۾ جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران هڪ جهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ خاميون پيدا ٿيون . مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته پاڻي جي مسئلي سميت سڀني التوا واري مسئلن تي بحث لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ وڏي وزير پاڪستان جي مسلسل ترقي لاءِ دعا ڪئي ۽ سڀني شهرين تي زور ڏنو ته هو ملڪ جي دفاع لاءِ تيار رهن. هن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي قيادت ۾ قومي ترقي ۽ اسحتڪام لاءِ ڪم جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو