ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو آهي ته نه ڪو وي پي اين بلاڪ ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنداسين. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي سالياني رپورٽ 2024 جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي حفيظ الرحمان چيو ته اڳ به چيو هو اسان وي پي اين بلاڪ ڪري سگهون ٿا پر نه ڪنداسين ۽ اڄ تائين ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ويو. هن چيو اهو دور ناهي جو اسان توهان کان ڪجهه لڪائينداسين ۽ لڪي ويندو، نيشنل سيڪيورٽي تي پڇيو ويندو آهي ته انٽرنيٽ ڇو بند آهي ته اسان وٽ جواب ناهي هوندو، نيشنل سيڪيورٽي بابت سوال پاليسي جوڙيندڙن کان ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو