نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي گادي واري شهر جي 70 سيٽن واري اسمبلي ۾ عام آدمي پارٽي (اي اي پي) کي شڪست ڏئي بي جي پي 27 سالن بعد ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. ايڪس تي ڪيل پوسٽ م وزيراعظم نريندرا مودي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڊولپمينٽ ۽ گڊ گورنيس کي فتح ملي آهي، اسين وفاقي راڄڌاني ۾ ترقي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. عام آدمي پارتي جي ارونڊ ڪيجريوال شڪست تسليم ڪندي بي جي پي کي مبارڪ ڏني آهي. ڪيجريوال جهن 10 سال اڳ ڪرپشن خلاف جهاد جو نعرو هنيو هو لڳاتار پنج پنج سالن جا ٻه ٽرم حڪومت ۾ رهيو. هن کي ڪجهه مهينا اڳ پارٽي اڳواڻن ۽ دوستن کي شراب جي گتن جون پرمٽ جاري ڪرڻ دوران وڏي ڪرپسن جا الزام لڳائي مودي سرڪار جيل م وڌو هو، ڪيجريوال الزامن رد ڪندي چيو هو ته هي سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. بي جي پي 27 سالن بعد وڏي اڪثريت سان نئين دلي ۾ سرڪار ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2025/02/Modi-BJP-Wins-Delhi.png)