ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل فروٽ ۽ ڀاڄين جي قيمتن جي فهرست صرف ڪاغذ جو ٽڪڙو ثابت ٿي، پهرين روزي کان اڳ ئي ڀاڄيون ۽ فروٽ مهانگا ٿي ويا.رپورٽ موجب ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل قيمتن جي لسٽ ۾ بصر جي 63 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي هئي پر بصر 80 روپيه في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح ٿوم 610 جي بجاءِ 1200 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. جڏهن ته فروٽ جي قيمتن ۾ به نمايان فرق نظر اچي رهيو آهي.ڪيلا 146 روپين جي بجاءِ 250 روپيه درجن وڪرو ڪيا پيا وڃن. صوف 219 جي بجاءِ 350 روپيه في ڪلو، زيتون 138 جي بجاءِ 200 روپيه في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي.مارڪيٽ جون قيمتون ڪمشنر طرفان جاري ڪيل قيمتن جي فهرست کان ڪافي مختلف نظر اچي رهيون آهن. پٽاٽن جي قيمت ڪمشنر جي لسٽ ۾ 92 روپيه آهي، جڏهن ته دوڪاندار 70 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. مرچ 58 روپين جي بجاءِ 100 روپين ۾ وڪرو ڪيا پيا وڃن. اهڙي طرح ساون ڌاڻن جي ويڙهي 5 روپين جي بجاءِ 30 روپين ۾ ملي رهي آهي، ڦودنو 6 روپين جي بجاءِ 15 روپيه في ويڙهي ملي رهي آهي.فروٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪيلا 146 روپين جي بجاءِ 250 روپيه في درجن، صوف 219 جي بجاءِ 350 روپيه في ڪلو، زيتون 138 جي بجاءِ 200 روپيه في ڪلو، موسمي 161 جي بجاءِ 300 روپيه في ڪلو، اسٽرابيري 161 جي بجاءِ 450 روپيه في ڪلو وڪرو ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.ياد رهي ته ڪمشنر ڪراچي طرفان هڪ ڏينهن اڳ رمضان المبارڪ جي مهيني لاءِ عام واهپي جي شين جي قيمتن جي فهرست جاري ڪئي وئي هئي ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهي پرائس لسٽ تي عمل ڪرائين، پر ڪراچي ۾ پهرين روزي کان اڳ ئي ڀاڄين ۽ فروٽ جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿي ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پگهاردار طبقو رمضان المبارڪ ۾ فروٽ خريد ڪرڻ جي طاقت هونئن ئي وڃائي چڪو آهي. اهڙي ۾ مافيا طرفان فروٽ جون قيمتون وڌائڻ اسان کي افطار ۾ ڪنهن هڪ فروٽ کان به محروم ڪرڻ جو سبب بڻجي ويندو. انتظاميه پرائس ڪنٽرول کي يقيني بنائي ته جيئن وچولو طبقو به پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ افطار ۾ ڪو هڪ فروٽ ته کائي سگهي.
