ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي بلاول ڀٽو زرداري کي چھ نوان ڪينال ٺاھڻ خلاف جاري تحريڪ م شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو آھي ت بلاول ڀٽو زرداري کي پنھنجي والد کان ڪجھ حاصل ن ٿيندو،بلاول کي جيڪو ملڻو آھي اھو اسان وٺان ملندو،جي ڊي اي ،تحريڪ انصاف ء اتحادي جماعتن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن م پنھنجي گڏيل اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو،لال مالھي گڏيل اميدوار ھوندو،اھڙو ھن آچر ڏينھن فنڪشنل ليگ ھاؤس م اتحادي جماعتن جي اجلاس کانپوء پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ،غلام مرتضي جتوئي،سردار عبدالرحيم ،لال مالھي ء ٻين خطاب ڪيو،سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ت ملڪ م ماحول ڏاڍو خراب ء بي يقيني جي صورتحال آھي جو سنڌ م ھڪ طرف کوٽا سڪا ھڪ طرف آھن سنڌ جو عوام کوٽن سڪن کي قبول ن ڪندو ڪوڙن سکن کي انھن جي اصل جاء تي اماڻبو،ھن چيو ت مرتضي خان جتوئي آزاد ٿي اچي ويو آهي ء ھي باعزت آزاد ٿيو آھي ء عوام م ان جي مقبوليت م وڌيڪ اضافو ٿيو آھي ،ھن بنا ڪنھن ڏوھ جي جيل ڪاٽيو،اسان عوام سان گڏ بيٺل آھيون ء منزل ضرور حاصل ڪنداسين ،سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪندڙن پاڪستان کپي ؛ جو ھڪ نعرو ھنيو ھو،جنھن جو مقصد ملڪ کي نيلام ڪرڻ ھو،عوام ڄاڻي ٿو ت ھو پاڪستان کي وڪڻڻ نڪتا آھن ء اسان پاڪستان بچائڻ نڪتا آھيون،ھڪ سوال جي جواب م ھن چيو ت بلاول ڀٽو زرداري ڪينالن خلاف اسان جي تحريڪ م شامل ٿي وڃي،ڇاڪاڻ ت ان جي والد ت سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي ،بلاول کي ان جي والد پاران ڪجھ حاصل ن ٿيندو،ان کي جيڪو ملڻو آھي اھو اسان وٺان ملندس،منھنجي والد مرحوم والد ب بلاول لاء چيو ھو ت ھڪ ڏينھن ھي اسان جو حصو ھوندو،ڇاڪاڻ ت جيڪي بلاول جي والد جا ڪرتوت آھن ت ان حوالي سان بلاول جلد اسان سان گڏ ھوندو،ھڪ سوال جي جواب م ھن چيو ت عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ کانسواء بلوچستان جو مسئلو حل نٿو ٿي سگھي،ڳالھين وسيلي مسئلن کي حل ڪيو وڃي،رياست کي هلائڻو آھي ت گڏ ويھي مسئلا حل ڪيا وڃن،مونکي سمجھ م نٿو اچي ت بلوچستان جي مسئلي تي ڇو ن ٿيون ڳالھيون ڪيون وڃن،جيڪو سون ٿو گھري ت ان تي ڏنڊا وسايا ٿا وڃن،جيڪو وسيلن جي ڳالھ ڪري ٿو ت ان کي ب ڏنڊا ھنيا ٿا وڃن،توھان جي ٿنڪ ٽئنڪ ٿڪجي چڪي آھي،ھاڻي ٿنڪ ٽئنڪ جي جڳھ خالي ٽئنڪن ورتي آھي انھن خالي ٽئنڪن کي تبديل ڪرڻو پوندو،ھن صرف واپاري آھن ھنن کي پنھنجي واپار کانسواءِ ڪجھ نظر نٿو اچي،جڏھن ملڪ واپارين حوالي ڪندؤ ت نقصان ت ٿيندو،ھي ملڪ کي نچوڙي کائي رھيا آھن ،پر اھيو ڄاڻي وٺن ت ڪفن م کيسو ناھي ھوندو،سڀ ھت رھجي ويندو،ھن چيو ت اسان ھر ان جماعت سان گڏ آھيون جيڪا پاڪستان سان گڏ آھي،ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان پچيل سوال جي جواب م ھن چيو ت پيپلزپارٽي پنھنجي حڪومت م ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاء بجيٽ م رقم رکي ھئي،جي ڊي اي جي اڳواڻ مرتضي خان جتوئي چيو ت مؤن تي ٻڪري ،موٽر سائيڪل چوري ء پوليس سان مقابلو ڪرائڻ جھڙا ڪوڙا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪيا ويا،مون تي الزام ھنيو ويو ت 12 جتوئي خاندان جا ماڻھون ء اڍائي سؤ پوليس اھلڪار ھئا جن وچ م مقابلو ڪرايو ء حيرت جي ڳالھ آھي ت ان م ڪير ب زخمي ن ٿيو،مان جڏھن وفاقي وزير ھئس ان وقت اسان جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا،حملا ڪرايا ويا،بعد اسان زمينون آزاد ڪرايون،زمينن جا معاملن پراڻا ھلي رھيا آھن ،پي ٽي آئي جي حليم عادل شيخ چيو ت چھن نون ڪينالن تي پي ٽي آئي جو موقف واضع آھي ،ڊاڪٽر عارف علوي صدر جي حيثيت سان صحيع ن ڪئي ھئي،اسان سنڌ ء سنڌو درياء کي بچائڻ لاء نڪتا آھيون،اگر پيپلزپارٽي قابض رھي ت ن اسان جا اسڪول،ن اسپتالون ء ن وري درياء بچندا،ھڪ طرف ڪينالن جا سودا ڪندڙ ء ٻئي طرف سنڌ جا حلالي پٽ بيٺل آھن،جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ت لال مالھي عمرڪوٽ مان چونڊجڻ کانپوء سنڌو درياء تي ٺھندڙ چھ ڪينالن خلاف قومي اسيمبلي م قرارداد آڻيندو،گڏيل اميدوار لال مالھي چيو ت مان سنڌو درياء بچايو ڪميٽي جو ٿورائتو آهيان جن مونکي گڏيل اميدوار بيهاريو آھي،ھن تڪ تان مخدوم شاھ محمود قريشي پير صاحب پاڳاري جي حمايت سان اليڪشن م حصو وٺندو ھو ،پر ھاڻي ھو جيل م آھي،ان ڪري اھيا ذميداري مونکي ڏني وئي آهي ،ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي،بيريسٽر حسنين مرزا،منير حيدر شاھ،ارباب ابراھيم،مظھر راھوجو،فقير غلام النبي منڱريو،خضر حيات منڱريو،انجنئير وادو مل ء ٻيا موجود ھئا.
