ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي 4 اپريل تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ وڏي جلسي جو اعلان ڪندي، سنڌو درياءِ تي 6 ڪينالن جي رٿا کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته سنڌ کي انڊس رور سسٽم مان ڪنهن به نئين ڪينال جو منصوبو قبول نه آهي. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ارسا ۾ وفاق ۽ هڪ صوبي جي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ جي آئيني اعتراضن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، تنهن ڪري وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪيو وڃي. اهي مطالبا ڇنڇر تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيا ويا، جنهن جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جي صدر نثار احمد کهڙو، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، منظور وسان، سرفراز راجڙ، نعمان شيخ، سعيد غني، سيد ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، ضياء الحسن لنڊجار، آغا سراج دراني، لال چند اڪراڻي، شاهده رحماني ۽ ٻيا صوبائي عهديدار، صوبائي وزير، ڊويزنل ۽ ضلعي عهديدار موجود هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي تي ملڪ جو عوام ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪندو. هن سنڌ ڪائونسل طرفان درياءِ سنڌ تي ڪينال منصوبي خلاف منظور ڪيل قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به نئين ڪينال جي خلاف آهي ۽ هميشه سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي آئي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به اٿاريندي رهندي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته 6 ڪينالن جو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. وفاقي حڪومت کي هن منصوبي تان هٿ کڻڻ گهرجي ۽ سنڌ جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ گهرجي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته انڊس رور سسٽم ۾ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ انهن ڪينالن لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ سنڌ جو مطالبو آهي ته 1991ع جي پاڻي ورڇ معاهدي جي پيرا 2 تي عمل ڪيو وڃي. جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته پيپلز پارٽي درياءِ سنڌ تي 6 ڪينالن جي منصوبي جي مخالفت ان وقت کان ڪري رهي آهي، جڏهن جي ڊي اي ۽ ٻين ڌرين کي ان جو ڪو به علم نه هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي ۽ حقن تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.قرارداد ۾ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته پاڻي ورڇ 1991ع جي معاهدي تحت ڪئي وڃي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي، چشما-جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا-پنچند لنڪ ڪينال کي رڳو فلڊ جي دوران هلائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، ۽ تونسا کان گڊو بئراج تائين پاڻي جي وهڪرن جي نگراني لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو وڃي. قرارداد ۾ جي ڊي اي طرفان ڪينال منصوبي تي پيپلز پارٽي ۽ صدر آصف زرداري تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ويو ته اهي الزام رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهن. ان سان گڏوگڏ اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ته جيئن پاڻي جي تڪرارن جو حل نڪري سگهي. جعفر ايڪسپريس هائيجيڪنگ واقعي جي مذمت ڪندي قرارداد ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ۽ پاڪ فوج کي بهادريءَ سان دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، ۽ فريال ٽالپر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پارٽي شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت پارليامينٽ، آئين ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
