ڪينيڊا، ميڪسيڪو جي شين تي ٽيرف لڳائڻ وارو فيصلو ملتوي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا هڪ مهيني لاءِ ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي شين تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪيا آهن جنهن ۾ ٽيرف لاڳو ڪرڻ کي 2 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.ايگزيڪيوٽو آرڊر موجب، ٽيرف ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي شين تي لاڳو نه ٿيندا جيڪي آزاد واپاري معاهدي ۾ شامل آهن.صدر ٽرمپ هي ايگزيڪيوٽو آرڊر ميڪسيڪو جي صدر سان ڳالهين ۽ ٽرمپ انتظاميه جي ڪينيڊين عملدارن سان ڳالهين کان پوءِ جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو