ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 3 رپيا 3 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي. نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ جولاءِ 2024 جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙي ڊسمبر 2024 جي بلن ۾ ڪئي ويندي. ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي مهيني جي ايڊجسٽمينٽ ۾ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو