ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي عمران خان کي بچائڻ لاءِ جيتريون به ترميمون ڪري، خان صاحب قانون جي پڪڙ کان بچي نٿو سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر رڪشا ٽيڪسي وانگر استعمال ڪيو.عمران خان جي غيرقانوني سرگرمين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ هيلي ڪاپٽر جي استعمال جي ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان ٻين تي اين آر او جا ڪوڙا الزام لڳائي ٿو پر هو پشاور اسيمبلي مان اين آر او وٺي رهيو آهي. 2008ع کان وٺي ڪي پي ڪي اسيمبلي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي خانگي استعمال کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي پي حڪومت جا وسيلا رڳو نام نهاد صادق ۽ امين تي خرچ ٿي رهيا آهن. ڪي پي ڪي جو عوام امن امان جي صورتحال، مهانگائي ۽ ڀتي جي پرچين کان پريشان آهي، جڏهن ته حڪومت عمران خان کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سينيئر سياستدانن، ايم اين ايز ۽ ڪاروباري برادري کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ٻه ڏينهن اڳ لڪي مروت ۾ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر کي قتل ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حالت ته اها آهي جو عمران خان جي چوڻ تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جا وڏا وزير ۽ صوبائي وزير وفاق کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي