ڪي پي حڪومت جو يونيورسٽين کي خود ڪفيل بڻائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت يونيورسٽين کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ 10 سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ خيبرپختونخوا جي سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن کي خط لکيو آهي.وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ مان هڪ خط موجب، وڏي وزير علي امين گنڊاپور سڀني سرڪاري يونيورسٽين جي چانسلر جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. وڏي وزير اعليٰ تعليم جي ترقي لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير 21 ڏينهن اندر اعليٰ تعليم لاءِ 10 سالن جي منصوبي جو مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. منصوبي ۾ قانوني، انتظامي ۽ مالي سڌارن لاءِ سفارشون شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين جي خودڪفيليءَ، تحقيق جي معيار ۽ روزگار جي موقعن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. اعليٰ تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊجيٽل تبديلي ۽ بين الاقوامي تعاون جي ضرورت آهي.وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ تعليم جو منصوبو صوبائي ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو