سول نافرماني واري حڪم تي عمل ڪبو پر اڃا صورتحال واضح ناهي، گنڊاپور

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني واري تحريڪ جو حڪم پي ٽي آءِ باني عمران خان جو آهي ۽ ان تي هو مڪمل عمل ڪندا. ان سان گڏوگڏ هن اهو به چيو ته اڃا ان بابت پاليسي واضح ناهي ته اها تحريڪ ڪيترن مرحلن ۾ هلندي، اڳ ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ هن چيو ته صورتحال واضح ٿيڻ بعد ان تي عمل ڪنداسين. اهڙو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته جيسين عمران خان کي آزاد نه ڪيو ويندو ۽ اسان جو مينڊيٽ اسان کي واپس نه ڪيو ويندو تيسين تحريڪ جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت امن امان بهتر بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، دهشتگردي جي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام قرباني ڏئي رهيا آهن. گنڊاپور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت امن امان بهتر بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام به قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته امن امان جي لاءِ پوليس فرنٽ لائين جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهيا آهيون ۽ قربانيون به ڏئي رهيا آهيون.علي امين گنڊاپور دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن کان ڪافي بهتر آهي، خيبرپختونخواهه عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جو ٽارگيٽ پورو ڪندڙ واحد صوبو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪافي معاملن تي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، اسان خيرات نه پيا گهرون اسان کي پنهنجا پئسا به نه پيا ڏنا وڃن. وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 44 سيڪڙو روينيو وڌايو آهي ۽ صوبي ۾ ڪم به ٿيو آهي جنهن سان روينيو ۾ اضافو ٿيو آهي، ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ جيترا پئسا 6 مهينن ۾ ڏنا ايترا ڪڏهن به هڪ سال ۾ نه ڏنا ويا آهن. هن چيو ته دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسان جو مينڊيٽ به اسان کي واپس ڪيو وڃي.ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته شهباز شريف کي هٽائڻ ۽ بلاول کي آڻڻ جي لاءِ ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شيرواني پائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهيو آهي. پيءُ پٽ ٻئي وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ سرگرم آهن. آصف زرداري پنهنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻ جي ڳجهي مشن ۾ مصروف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو