پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ ظابطا اخلاق جاري ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا جي ڊي آءِ جي آپريشنز طرفان پوليس آفيسرن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته گنرز سميت اهلڪارن سميت کي سياسي ميڙاڪي ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي، ڪو به اهلڪار صوبي کان ٻاهر ڪنهن به حيثيت سان ڪو ڪردار ادا نه ڪندو. خط جي متن موجب، پوليس جو فرض آهي ته غير سياسي رهي ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکي، اسان آئين ۽ قانون موجب غيرجانبداري سان فرض سرانجام ڏيڻ جا پابند آهيون، پوليس زبردستي يا غير ضروري اثر رسوخ خلاف مزاحمت جي پابند آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته سرڪاري وسيلا يا اختيار سياسي پارٽيءَ جي حمايت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجن، اهڙي قسم جي طريقن ۾ ملوث هئڻ اداري جي اخلاقي معيار کي مجروح ڪري ٿو، سمورا ملازم پيشيوراڻي طريقي سان فرض انجام ڏيڻ جا پابند آهن. خط موجب، هدايتن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ڪنهن به آفيسر يا اهلڪار حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور