ڪي پي ۾ امن امان بابت ڪيس، 17 آڪٽوبر تي مقرر

پشاور (ويب ديسڪ)امن امان جي صورتحال بابت خيبرپختونخوا بار ڪائونسل طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تي ٿيندي.پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست 17 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ صوبائي حڪومت، آءِ جي ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه خاص طور تي ڏاکڻين ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، جنهن سبب وڪيلن ۽ شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو