ڪٻرين کان پريشان عرب ملڪ، پکين جي خاتمي جي مهم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بي بي سي جي رپورٽ موجب ڪٻر جنهن کي اردو ۾ مينا چيو ويندو آهي، ان جو انگ عرب ملڪن ۾ وڌي رهيو آهي جنهن سبب ڪيترن ئي عرب ملڪن هن پکي خلاف مهم شروع ڪيون آهن. بظاهر تي هي خوبصورت ٻوليون ٻوليندڙ ۽ نرم مزاج پکي آهي پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي ته عرب ملڪ هن پکي سبب پريشان آهن؟ ڪٻر بنيادي طور تي ڏکڻ ايشيا جو پکي آهي پر هن وقت ان جو انگ ڏکڻ ايشيا ۾ گهٽبو پيو وڃي. جيٽوڻيڪ هي انسانن کان ڍڄندو ناهي پر ماهرن هن کي نقصان پهچائيندڙ پکي قرار ڏنو آهي. آمريڪي ويب سائيٽ ’برڊز آف دي ورلڊ‘ موجب مينا يا ڪٻر هڪ اهڙو پکي آهي جنهن ۾ ذهانت، يادگيري ۽ نقل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هندستاني ثقافت ۾ هي پيار جي علامت وارو پکي آهي، جيئن ڪٻريون عام طور تي جوڙيءَ ۾ ڏٺو ويندو آهي، جوڙو گڏجي پنهنجن انڊن جي حفاظت ڪندو آهي، دشمن تي حملو ڪري پنهنجي آنن ۽ ٻچن جي گڏجي حفاظت ڪندو آهي. ڪٻر جو تعلق ’اسٽارلنگ‘ خاندان سان آهي جيڪو آبادي وارن علائقن جي ويجهو رهندو آهي. ڪٻر گوشت خور پکين مان هڪ آهي پر انهن جي خوراڪ جا ذريعا مختلف آهن. ان ۾ موتمار طاقت هوندي آهي جنهن سبب هو پاڻ کي وڏن پکين جهڙوڪ ڪانوَ سان به وڙهي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪٻريون گروپن ۾ پنهنجي شڪار تي حملو ڪنديون آهن. هي پکي اصل ۾ هارين ۽ مقامي ماڻهن جو دوست هو ۽ 19 صدي جي وچ ڌاري آسٽريليا جهڙن ملڪن طرفان متعارف ڪرايو ويو هو ته جيئن ڪيڙن سبب ڦهلجندڙ انفيڪشن وارين بيمارين کي روڪي سگهجي. پر اڄ، سائنسدانن جي مطابق، ڪٻريون ڪيترن ئي بيمارين کي منتقل ڪرڻ جو سبب بڻجن پيون. سندن موجب هي پکي نقصانڪار پيراسائيٽس کڻي وڻن جي پاڙ ۾ ڇڏي ٿو جتي هو وڌن ويجهن ٿا. هي پکي جنهن وڻ ۾ آکيرو ٺاهيندو اهي، ان تي ٻئي ڪنهن پکي کي آکيرو ٺاهڻ ناهن ڏيندا. 2018ع ۾ ’سائنس ڊيلي‘ سائنسي تحقيق تي ٻڌل هڪ رپورٽ شايع ڪئي، جنهن ۾ ڪٻر ۾ ’ٽرائيڪوفائيٽوسس‘ جي دريافت ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو هو. تحقيق ان خدشن کي وڌايو آهي ته ڪٻريون شايد بيماري کي ٻين مخلوقن ڏانهن منتقل ڪري سگھن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هي حملو ڪندڙ پکي آهن. ان کان علاوه ڪٻر ڏيهي پکين جو شڪار ڪري انهن جا آنا کائي ٿي. ڪٻر، ڳيرن ۽ ڪبوترن تي به حملا ڪري ٿي، سندن آکيرن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. هي پکي فصلن تي حملو ڪري سندن ميوو کائڻ سان گڏ ٽباهه به ڪري ٿو. هي پکي موسمياتي تبديليءَ کان متاثر نه ٿيندو آهي پر ان جي برعڪس افزائش نسل لاءِ گرم موسم جو فائدو وٺندو آهي. اهو مختلف ملڪن ۾ مختلف موسمي حالتن سان رهي سگهي ٿو. سٺي ۽ خراب ٻنهي صلاحيتن سان منسوب، ڪٻر کي هڪ ذهين پکي هجڻ جي شهرت حاصل آهي. 2000 ۾، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر ڪٻر کي 100 سڀ کان وڌيڪ ناگوار نسلن مان هڪ قرار ڏنو هو.
ڪهڙن عرب ملڪن ۾ڪٻر خلاف مهم جاري آهي
الجزائر ۾ ڪٻر پکين جي نسل جو مسئلو تازو ئي سامهون آيو آهي ۽ هڪ مقامي ماحولياتي ايسوسيئيشن ان کي منهن ڏيڻ لاء هڪ مهم جو مطالبو ڪيو آهي. ٻين خليجي ملڪن الجزائر کان اڳ ۾ ئي مهم شروع ڪيون آهن. 2022 ۾ عمان ۾ به هن پکي جي خاتمي يا تعداد گهتائڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي هئي. سعودي عرب ۽ قطر جي وائيلڊ لائيف اٿارٽيز به ساڳئي قسم جي مهم شروع ڪئي هئي. جون ۾ اردن جي هڪ نيوز ويب سائيٽ رپورٽ شايع ڪئي هئي ته اردن ۾ به هي پکي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. 2017 ۾ لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ هن جو انگ وڌيڪ رڪارد ڪيو ويو هو ۽ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو