ڪپتان جي شادي بابت خبرون ڪوڙيون آهن: مئنيجر

لاهور (ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي شادي بابت خبرن تي سندس مئنيجر جو بيان سامهون اچي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪپتان جي مئنيجر چيو ته اِها ڳالهه بابر اعظم ۽ سندس ڪٽنب لاءِ به هڪ خبر آهي. هن چيو ته نومبر ۾ بابر اعظم جي شادي بابت گردش ڪندڙ خبر غلط آهي، ڪپتان بابر اعظم به سوشل ميڊيا تي پنهنجي مئنيجر جي ان بيان تي تصديق ڪري ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪپتان بابر اعظم جي مئينجر عوام کان اپيل ڪندي چيو ته غير تصديق ٿيل خبرون شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو