واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن اوهان به ايندڙ ڪجهه مهينن اندر ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي ته سستي سياحت لاءِ گوگل کان به مدد وٺي سگهو ٿا. جي ها واقعي گوگل هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ ڪيتري خرچ تي هوائي سفر ڪري سگهن ٿا. اِهو نئون فيچر گوگل فلائٽس سرچ انجڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان فلائٽس سرچ انجڻ ۾ هڪ نئين ٽيب جو واڌارو ڪيو ويو آهي ته جيئن واهپيدار فلائيٽ شيڊيول سرچ ۾ وقت وڃائڻ بدران رڳو سستا ترين(cheapest )آپشنز ڏسي سگهن. گوگل طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيئي فيسز ۽ فيچرز جي جاچ پڙتال ڪرڻ بدران اوهان سڌي ريت cheapest آپشنز جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو. ان ٽيب ۾ اوهان ڏسي سگهندئو ته هوائي ڪمپنيون ۽ ٿرڊ پارٽي بڪنگ سائٽس ڪيتري گهٽ قيمت تي سفر جي سهولت فراهم ڪري رهيون آهن. اِهو فيچر سڀ کان پهريان آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي پر هوريان هوريان اِهو آپشن سڄي دنيا جي واهپيدان کي دستياب هوندو. ڪمپني موجب، فيچر هوائي سفر دوران خرچ بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته دوري لاءِ شين جي رٿابندي وارو عمل سولو بڻجي ويندو. ياد رهي ته گوگل فلائٽس ۾ اڳواٽ ئي فضائي سفر جي قيمتن بابت ٻڌايو ويندو آهي پر هنيئر تائين اتي ڪيئي آپشنز موجود آهن جنهن ۾ پنهنجي پسند مطابق سفري پلان جي ڳولا ۾ گهڻو وقت ضائع ٿيندو آهي.
