ڪڊني هل ريفرنس مان مانڊوي والا سميت ٻيا جوابدار بري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪڊني هيلز ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا ۽ ٻين کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي.ڪڊني هيلز ريفرنس ۾ سليم مانڊوي والا ۽ ٻين جوابدارن کي بري ڪيو ويو.عدالت نيب جي سليم مانڊوي والا ۽ ٻين خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.جسٽس ناصر جاويد رانا جي عدالت ۾ وقتي چيئرمين نيب سهيل ناصر درخواست داخل ڪئي.نيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 7 جوابدارن خلاف 19 جنوري 2021 تي ريفرنس داخل ڪيو ويو، ريفرنس جو معاملو سيپٽمبر ۾ ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ رکيو ويو.اجلاس ۾ جوابدارن خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جو انڪشاف نه ڪيو ويو.درخواست ۾ چيو ويو ته حڪومت کي هڪ رپيو به نقصان نه پهتو، نقصان ٿيو ته پرائيويٽ شخص کي ٿيو، سليم مانڊوي والا جو ڪڊني هيل ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي.نيب درخواست ۾ استدعا ڪئي ته احتساب عدالت سمورن جوابدارن کي قانون موجب بري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو