ڪڪڙ ۾ بد امني ۾ واڌ، واپاري جا 7 لک چوري ، 2 موٽر سائيڪلون ڦر

ڪڪڙ (ن س)ڪڪڙ ۾ بدامني ، اناج جي واپاري جي دڪان مان 7 لک روڪ رقم چوري ، 2 موٽر سائيڪلون ڦر ، پوليس خاموش ڪڪڙ ۾ بدامني تي ضابطو ن اچڻ کانپوء ڏوھاري ٻرن مان نڪري آيا آھن جنھن ڪري ڪڪڙ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڦورن رڻ ٻاري ڏنو وڌيڪ ٻن موٽر سائيڪل ڦر جون ٻه واداتون ٿي ويون۽ ھڪ اناج جي واپاري جي دڪان مان 7 لک روڪ رقم ماليت چوري ٿيڻ کانپوء پوليس کي نشي واري ننڊ اچي وئي آھي ان سلسي ۾ ڪڪڙ ۾ نالي واري اناج جي واپاري ۽ چيمبر آف ڪامرس جي ميمبر قربان علي ڳاھو جي دڪان جو دروازو ٽوڙي خانن ۾ پيل 7 لک روڪ رقم ماليت چوري ڪري کڻي ويا ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي دڪان جو جائزو ورتو ۽ متاثر دڪاندار کان تفصيل معلوم ڪيا ٻي واردات ۾ نامعلوم 3 موٽر سائيڪل سوار هٿيار بند ڦورن ڳوٺ جکرو ساريو جي رهواسي سراج احمد ساريو ۽ امتياز ساريو کان هٿيارن جي زور تي پيارو لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ٽي واردات ۾ ٿرڙي جادو شهيد لنڪ روڊ ۾ نامعلوم هٿار بند ڦورن واپاري سيد زين العابدين شاھ کان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل 5 هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھوڏانھن واپاري اڳواڻ محمد اقبال چارڻ چيو آھي ت ڪڪڙ ۾ امن جو پکي اڏامي ويو آھي بدامني تي ڪوب پوليس ضابطو آڻن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي ڦرن ء چورين جي واردتون ٿيڻ روز معمول بڻيل آھي شھري توڙي واپاري غيرمحفوظ آھن جيڪي عدم تحفظ جو شڪار آھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿات اناج جي واپاري قربان علي ڳاھو سميت ٻين کان قر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو