ڪڪڙ: (ن س) ڪڪڙ باء پاس تي جمالي ۽ جنجھ برادري وچم وياج جي پئسن تان تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو ، جمالي برادري جي ھٿياربندن پاران ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنھن ڪري شھرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي ، ھٿياربندن واپاري مختيار جنجھ جي دڪان تي حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ دوران حاجي معشوق جنجھ مارجي ويو. هٿياربندن جي حملي ۾ واٽهڙو نوجوان بلاول سمون زخمي ٿي پيو، جنهن کان پوءِ سوين جنجھ برادري جي ماڻهن انڊس ھاء وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب مسافر گاڏين جو قطارون لڳي ويون ڪڪڙ پوليس موجود ھئڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ياد رھي ته جنجھ ۽ جمالي برادري وچ ۾ 3 ڏينھن کان وياج جي مبينا پئسن تان جھيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ڪيس پڻ داخل ڪرايو ھو پر پوليس پاران قدم نه کڻڻ سبب اڄ هڪ انساني حياتي ضايع ٿي وئي.
