ڪڻڪ خريداري ۾ ڪرپشن، خوراڪ کاتي سنڌ جا آفيسر طلب

سکر (ن س )نيب سنڌ خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري ۾ مبينا ڪرپشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.نيب پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ جي خوراڪ کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خرم شهزاد عمر، خوراڪ کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر امداد شاهه ۽ مختلف ضلعن ۾ مقرر ڊي ايف سيز کي طلب ڪيو ويو آهي. سڀني آفيسرن کي 21 مارچ تي سکر نيب آفيس ۾ طلب ڪيو ويو هو. طلب ڪيل آفيسرن تي ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن ۽ ڪڻڪ جي گمشدگي جو الزام آهي.ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن مان خريد ڪيل ڪڻڪ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.خوراڪ کاتي کان 2021-23 ۽ 2024 ۾ خريد ڪيل ڪڻڪ جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي ۽ خوراڪ کاتي کان موجوده ڪڻڪ جي اسٽاڪ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو