گذريل 5 مهينن کان پگهار نه ملي آهي: محمد عاصم خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اسڪواش رانديگر محمد عاصم خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس گذريل 5 مهينن کان پگهار نه ملي آهي.محمد عاصم خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پگهار نه ملڻ جي شڪايت ڪندي چيو ته منهنجي ڊپارٽمينٽ ڪيترن ئي سالن کان مون کي وقت تي پگهار نه ڏئي رهيو آهي.محمد عاصم خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته 5 مهينا ٿي ويا آهن پر مون کي پگهار نه ملي آهي. ڪيترن سالن کان ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن اسان کي اهو نه ٿو ملي، جنهن جو اسان حقدار آهيون، گهٽ ۾ گهٽ پگهار ته ڏيو ۽ پوءِ ميڊل گهرو، اسان کان پاڪستان جي عزت ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو