ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي جي سرڪاري ملازمن لاءِ اي ويز خريد ڪندي گرائونڊ ٿيل گاڏيون هڪ مهيني ۾ نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.سنڌ ڪابينا جي سادگي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، علي حسن زرداري ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين سرڪاري گاڏين بابت 10 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو.ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته گاڏين جي نيلامي جو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن وسيلا ضايع نه ٿين، اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ سان حڪومت کي فائدو ٿيندو، پيٽروليم شين جي بچت ٿيندي.صوبائي وزير چيو ته حڪومت عوام جي وسيلن جي استعمال ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪي به سرڪاري گاڏيون بغير اجازت استعمال ڪن انهن کي حڪومتي حڪمن موجب گاڏيون واپس ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته گرائونڊ ٿيل گاڏين جي نيلامي جو عمل به جاري آهي، نيلامي مڪمل شفافيت سان ڪئي ويندي، سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ ادارا قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ نئين هدايتن تي عمل ڪن، گرائونڊ ٿيل گاڏين جي بروقت نيلامي انتهائي ضروري آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، جن ادارن وٽ اضافي گاڏيون آهن اهي اضافي گاڏيون واپس حڪومت کي ڏين.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته گرائونڊ ٿيل گاڏين جي نشاندهي ۽ حڪومتي پاليسين تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان جو مقصد عوام جو پئسو بچائڻ ۽ ضرورتن مطابق خرچ کي يقيني بڻائڻ آهي.
ڊرگ انسپيڪٽرجا ڇاپا،اسٽورن مٿان ڏنڊ لاڳو
پيڪا ايڪٽ ترميمي بل پيش،ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن
افغانستان کان پاڪستان هٿيار سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل
زرداري اقتدار خاطر سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏني،مگسي
سميتا افضال سيد جو جناح اسپتال سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جو دورو
وڏي وزير سان اي سيز جي ملاقات،سول سروس ۾ مهارت کپي،شاهه
ايف بي آر کي 1010 گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت
جسٽس (ر) فقير محمد گم ٿيل شهرين واري ڪميشن جو سربراهه مقرر
صدر آصف علي زرداري ايندڙ مهيني چين جو دورو ڪندو
ڪنب ويجهو مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
ميان صاحب ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زال مڙس هٿان قتل، جوابدار فرار
گهوٽڪي پوليس ڪراچي مان چوري ڪندڙ جوابدار
زراعت جي شعبي ۾ تربيت لاءِ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪلبو
ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي تي سڏائڻ فيصلو
سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو اڄ کان نه پر هميشه کان رهيو آهي
اختيارين واري ڪيس جو تعلق 26 ترميم سان ناهي، ڪير پاڻ ڊڄي ٿو الڳ ڳالهه آهي
گھر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان نجات حاصل ڪرڻ مشڪل آهي