مستونگ(ويب ڊيسڪ)بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل (بي اين پي-ايم) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته گرفتار بلوچ عورتن جي آزادي تائين پارٽي جو ڌرڻو جاري رهندو. آچر تي لڪ پاس وٽ ڪوئٽا کان 30 ڪلوميٽ جي فاصلي تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي. صوبائي حڪومت جي وفد گذريل شام مستونگ ۾ افطار کان پوءِ پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ان کان اڳ سردار اختر مينگل ۽ بي اين پي (ايم) جي ٻين ڪارڪنن ضلعي مستونگ جي علائقي لڪ پاس ڀرسان ٿيل خودڪش حملي ۾ محفوظ رهيا هئا. سردار اختر مينگل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي وائي سي) جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري ۽ ڌرڻي تي پوليس جي ڪريڪ ڊاؤن خلاف وڍ کان ڪوئيٽا تائين “لانگ مارچ” جو اعلان ڪيو هو، پر ڪوئيٽا انتظاميه بي اين پي (ايم) کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ مارچ ڪندڙن ۽ موٽر سائيڪل سوارن جمعي جي صبح تقريباً 9 وڳي اختر مينگل جي آبائي ڳوٺ وڍ کان ڪوئيٽا جو سفر شروع ڪيو هو، ڇنڇر ڏينهن بي اين پي (ايم) دعويٰ ڪئي ته مستونگ ڀرسان پوليس جي ڪارروائي دوران ان جي 250 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو هو. ڇنڇر شام جو ظهور احمد بليدي، بخت محمد ڪاڪڙ ۽ سردار نور احمد بنگلزئي تي مشتمل صوبائي حڪومت جي وفد مينگل ۽ بي اين پي (ايم) جي ٻين اڳواڻن سان مستونگ ۾ پارٽي جي ڌرڻي واري هنڌ ملاقات ڪئي. ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن اختر مينگل، نواب محمد خان شاھواڻي، ساجد ترين ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي. گفتگو کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته حڪومت جي وفد اسان کان سهڪار ۽ ڪو رستو ڳولڻ بابت ڳالهايو، اسان انهن کي چيو ته ڪو رستو ڳوليو ۽ اسان کي ڪوئيٽا وڃڻ ڏيو. سردار اختر مينگل چيو ته حڪومت جي وفد اسان کان پڇيو ته ڇا اسان ريلي ڪڍڻ چاهيون ٿا، جنهن تي اسان چيو ته جيڪڏهن اسان ريلي ڪڍون ها ته خضدار ۾ ڪڍون ها. اختر مينگل چيو ته اسان حڪومت کي ٻڌايو ته اسان جو واحد مطالبو عورتن جي آزادي آهي، اسان انهن کي چيو ته اسان پنهنجي عورتن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪندي ڪوئيٽا طرف مارچ ڪنداسين. اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن حڪومت کين ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته هو مستونگ ۾ ڌرڻو هڻندا، اهو ڌرڻو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان جي عورتن کي آزاد نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ وفد افطار کان پوءِ ٻيهر بي اين پي قيادت سان ملاقات جو فيصلو ڪيو، پر ائين نه ٿيو.
