ڪراچي(اسٽاف پورٽر)گرين لائن ۽ اورنج لائن بس سروسز جو آپريشنل ڪنٽرول باضابطه طور سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ ڪراچي جي گارڊن علائقي ۾ قائم آپريشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي پي آءِ ڊي سي ايل جي سي اي او وسيم باجوه گرين لائن ۽ اورنج لائن بس سروسز جو آپريشنل ڪنٽرول سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن حوالي ڪيو۔ تقريب ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، اورنج لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي۔ گرين لائن ۽ اورنج لائن بس سروسز جو آپريشنل ڪنٽرول سنڀالڻ بابت پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گرين لائن ۽ اورنج لائن بس سروسز جي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽورڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي۔ هن عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت انهن بس سروسز جي بهتري ۽ پائيداري لاءِ ڀرپور قدم کڻندي ته جيئن شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگھجن۔ شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ باقاعده سار سنڀال ذريعي بس سروسز جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي۔ هن چيو ته ڪراچي لاءِ هڪ مربوط ۽ موثر شهري ٽرانزٽ سسٽم قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ بي آر ٽي لائنز کي ٻين پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽمز سان ڳنڍڻ جا منصوبا پڻ جاري آهن
