گلشن حديد اربع بازار ۾ دڪاندارن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ملير(ن س )ملير ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي. گلشن حديد فيز ٽو واري علائقي ۾ اربع بازار ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جوابدارن ڇرين جا وار ڪري زاهد ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. هڪ ڄڻي جي قتل بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ۽ واقعي بعد جوابدار ڌر فرار ٿي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو