گمبٽ اسپتال ۾ جگر جي پيوند ڪاري جا 100 آپريشن مڪمل

سکر(جئيرام داس) پير عبدالقادر شاه جيلاني انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 100 جگر جي پيوندڪاري جا ڪامياب آپريشن مڪمل ڪري ورتا. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي مطابق جگر جي پيوندڪاري جي ڪامياب آپريشن جو سفر اسپتال جي عملي ۽ ڊاڪٽرن جي محنت ۽ جذبي سان مڪمل ٿيو آهي. ان حوالي سان جگر پيوندڪاري شعبي جي سربراه ڊاڪٽر عبدالوهاب ڊوگر جو چوڻ هو ته انسٽيٽيوٽ ۾ جگر جي پيوندڪاري جي ٽيم نوجوانن تي مشتمل آھي جگر جي پيوندڪاري جو پهريون آپريشن ڪجهه سال اڳ ڪيو ۽ 100 آپريشن جو مڪمل ٿيڻ هڪ وڏي ڪاميابي آھي.

هن چيو ته مستقبل ۾ 2 جگر جي پيوندڪاري جا آپريشن ڪيا ويندا. هن جو چوڻ هو ته هي ملڪ جو پهريون انسٽيٽيوٽ ادارو آھي جنهن ۾ مفت جگر جي پيوندڪاري ڪئي وڃي ٿي جنهن جو آغاز 2016 ۾ سنڌ حڪومت طرفان ملندڙ هڪ ارب رپين جي گرانٽ سان ڪيو. هن چيو ته جگر جي هڪ پيوندڪاري تي 60 کان 70 لک روپيا خرچ ايندو آھي پر وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه طرفان ملندڙ فنڊ جي ڪري اهي آپريشن مفت ڪيا ويندا آهن جنهن جي ڪاميابي جو تناسب 95 سيڪڙو آھي. ان حوالي سان انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تي معلومات رکي وئي آھي ۽ ويب سائيٽ ذريعي رابطو به ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو