گم ٿيل شهري جي گهر پهچڻ تي درخواست ختم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ اثرائتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته اورنگي ٽائون مان گم ٿيل شهري عبدالوهاب گهر واپس اچي ويو آهي، ان حوالي سان پوليس شهري جي واپسي بابت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. جنهن تي هاءِ ڪورٽ شهري عبدالوهاب جي بازيابي لاءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي.درخواستگذار جي وڪيل چيو آهي ته هڪ شهري، رسول خان، سائيٽ ايريا مان گم آهي ۽ پوليس شهري جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي.عدالت گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ اثرائتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو