گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف 9 مئي جي ڪيسن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل ظهور الحسن طرفان علي امين گنڊاپور حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي، جنهن تي پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته عدالت جوابدارن جو رويو ڏسي، مسلسل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.جج طاهر عباس سپرو رمارڪس ڏنا ته گذريل ڀيري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي ۽ 8 تاريخ تي اجلاس ۾ فزيبلٽي ٺيڪ هئي، جنهن تي وڪيل ظهور الحسن چيو ته عدالت اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري، مان يقين ڏياريان ٿو ته علي امين. موجود هوندو.جج طاهر عباس سپرا جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو