گنڊاپور جو افغانستان سان ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو افغانستان سان سڌو سنئون ڳالهيون ڪرڻ جو اعلان وفاق تي حملو آهي. خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي خوشي آهي ته جيڪي ميمبر گرفتار ٿيا اهي پروڊڪشن آرڊر تي واپس آيا آهن. اسپيڪر هڪ اهڙي روايت جي شروعات ڪئي آهي جيڪا قابل تحسين آهي، اهڙو ماحول بڻجي ويو آهي جيڪڏهن اپوزيشن جو ڪوبه ميمبر حڪومتي ميمبر سان ملي ته وڏو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، برداشت جو ليول گهٽ ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير افغانستان سان سڌو سنئون ڳالهين جو اعلان ڪيو آهي، اهو وفاق تي حملو آهي، ڪوبه صوبو ڪنهن ملڪ سان سڌو سنئون ڳالهيون نٿو ڪري سگهي، اهو زهر قاتل آهي جنهن تي هو پاڻ هلي رهيا آهن ۽ پنهنجي پارٽي کي به هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. دفاع واري وزير چيو ته ڪالهه هتي آرٽيڪل 6 جون ڳالهيون ٿيون جڏهن ته مان واحد اسيمبلي ميمبر آهيان جنهن تي آرٽيڪل 6 لڳو هو جيڪو پي ٽي آءِ ڪابينه لڳايو هو. هي ڪهڙي حد تائين پهچي ويا آهن، نواز، شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ڇا ٿيندو رهيو. فريال ٽالپر کي رات جو 12 وڳي کنيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايوان هلائڻو آهي ته جيڪي روايتون اياز صادق طئي ڪيون آهن انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي، جيڪي روايتون اسد قيصر ٺاهيون اهي نه هجڻ گهرجن. هڪ ڀيرو اسد قيصر جي گهر گڏجاڻي هئي ٻاهر 4 ايجنسين جا ماڻهو ويٺل هئا جيتريون به گڏجاڻيون ٿيون هيون، انهن ۾ آءِ ايس آءِ ٻاهر ويٺل هوندي هئي، ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڇا ڪجهه نه ٿيندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو