گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ۾ مقرر ٿيل جج نه هجڻ سبب ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. ايڊيشنل سيشن جج عبدالغفور ڪاڪڙ جي عهدي ڇڏڻ کان پوءِ ڪا به نئين مقرري نه ڪئي وئي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته علي امين گنڊاپور جي مسلسل غير حاضري لاءِ جاري ڪيل غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ اڃا تائين برقرار آهن، علي امين گنڊاپور ۽ اسد فاروق خلاف گولڙه پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو