پشاور(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت خيبرپختونخواهه حڪومت کان افغان شاگردن جو رڪارڊ گهري ورتو، وفاقي گهرو وزارت جي فارين نيشنل سيڪيورٽي سيل خيبر پختونخوا جي گهرو سيڪريٽري کي خط لکي صوبي ۾ افغان شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته فارين نيشنل سيڪيورٽي سيل پرڏيهين سان لاڳاپيل ڊيش بورڊ کي اپڊيٽ ڪري رهيو آهي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سڀني افغان شاگردن جو ڊيٽا 27 مارچ تائين موڪليو وڃي.واضح رهي ته گهرو وزارت سڀني افغان شهري ڪارڊ هولڊرز کي 31 مارچ تائين پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾، غير قانوني طور تي رهندڙ سڀني پرڏيهين کي 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهي ملڪ نه ڇڏيندا ته پهرين اپريل کان ملڪ بدر ڪيا ويندا.
