رياض: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رياض پهچي ويو جتي انهي جي سعودي هم منصب سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.سعودي گهرو وزير ڊاڪٽر محمد عبدالله البنال ۽ سعودي ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق گهرو وزير محسن نقوي جو رياض پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 2034 جي فيفا جي ميزباني سعودي عرب کي ملڻ تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني هن فٽبال ورلڊ ڪپ 2034 جي حوالي سان سعودي عرب جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي وزن 2030 ترقي ۽ خوشحالي جي تاريخ لکي آهي.محسن نقوي چيو ته سعودي عرب اسان جو سڀني کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو اسلامي دوست ملڪ آهي ۽ هر پاڪستاني کي انهي دوستي فخر آهي. سعودي عرب مان هميشه تمام گهڻو پيار ۽ خلوص ملندو آهي.انهي موقعي تي سعودي گهرو وزير چيو ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن. سعودي عرب جي دوري دوران اوهان جي اهم ملاقاتن جي حوالي سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهيون.
سول نافرماني واري حڪم تي عمل ڪبو پر اڃا صورتحال واضح ناهي، گنڊاپور
ممڪن آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي: راڻا
وفاقي سرڪار پاران وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد
ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن:مرتضيٰ وهاب
انوکي واردات، ڪباب وڪرو ڪندڙ کان 10 ڪلو قيمو ڦر
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد
محمد عرفان پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا
انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عمل آهي: صدر آصف زرداري
ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، رپورٽ طلب
بلاول پاران ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو
پاڻي جي شديد کوٽ، ڪراچي واسي پريشان
مدرسن جي بل واري معاملي تي جي يو آءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي
ضلعي ۾ ٻه ٽول ٽيڪس قائم ڪرڻ سبب عوام پريشان آهي: جميل الزمان
واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ فيس ليس ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم لاڳو
اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت
گهرو وزير جي رياض ۾ سعودي هم منصب سان ملاقات
گهريلو صارفين کي گيس ڏيڻ جو شيڊول جاري
پاڪستان مان پوليو ڇو ختم نٿو ٿئي؟