گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون

رياض: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي رياض ۾ سعودي عرب جي گهرو وزير شهزادي عبدالعزيز بن سعود بن نائف سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزيرن سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون ڪيون.پاڪ سعودي گهرو وزارت وچ ۾ ملاقات رياض ۾ گهرو وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي. شهزادي عبدالعزيز ۽ محسن نقوي منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي عرب جي گهرو وزارت پنهنجي پاڪستاني هم منصب محسن نقوي ۽ وفد جي ٻين ميمبرن جي آجيان ڪئي. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر پاڪستاني جو مذهبي عقيدت ۽ احترام جو رشتو آهي. سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. سعودي عرب جي ويزنري قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشون رکون ٿا. اسان بي پناهه مدد تي دل جي گهرائين سان سندن ٿورو ادا ڪريون ٿا. سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ناصرالدائود، گهرو وزارت جي انڊر سيڪريٽري ڊاڪٽر خالدالباطل، پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل محمد البسامي، ڊرگ ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل محمد القرني به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق سميت پاڪستاني وفد ۾ ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مصطفيٰ جمال قاضي ۽ گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري رفت مختار راجا شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو