گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي ۽ خوشاب جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ جو عمل جاري آهي.گهوٽڪي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 18 جي 2 پولنگ اسٽيشنن چاڪر ڪولاچي ۽ علي مراد ڪلهوڙو تي 8 فيبروري تي هنگامي سبب پولنگ روڪي وئي هئي. انهن ٻنهي پولنگ اسٽيشنن تي ري پولنگ اڄ ٿي رهي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار شهريار شر ۽ آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر ۾ سخت مقابلو آهي. اڄ صبح 8 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. آر او گهوٽڪي موجب پولنگ اسيشنن تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ پاڪ فوج جا جوان سيڪيورٽي تي مقرر آهن ٻنهي پولنگ اسٽيشنن تي رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 3309 آهي.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 88 خوشاب 2 ۾ به اڄ ري پولنگ ٿي رهي آهي. اين اي 88 جي 26 پولنگ اسٽيشنن تي 8 فيبروري تي هنگامي سبب نتيجا روڪيا ويا هئا. اين اي 88 تان آزاد اميدوار ملڪ معظم شير ڪلو، پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اڪرم خان نيازي ۽ آزاد اميدوار هارون بندريال ميدان ۾ آهن. استحڪام پارٽي جو ملڪ گل، اصغر خان بگهور ۽ ٻيا اميدوار به چونڊون وڙهي رهيا آهن. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندڙ پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. تڪ اين اي 88 جي 26 پولنگ اسٽيشنن تي 32 هزار 8 سئو 32 ووٽرز ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم