گهوٽڪي(ن س)گهوٽڪي پوليس جي گڊو انٽر چئينج تي ڪاروائي ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا.هٿيار هٿ ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي پريس ڪانفرس.خبرموجب ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو پاران ميرپورماٿيلو ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهوٽڪي پوليس ڪچي طرف وين ذريعي ويندڙ جديد هٿيار راڪيٽ لانچر, مارٽر گولا, اينٽي ايئر ڪرافٽ گنون, آر 75 گن, هينڊ گرنيڊ هزارين گوليون هٿ ڪري جوابدار زال ۽ مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.هنن چيو ته جوابدار ڏاج جي سامان سان گڏ پيٽين ۾ هٿيار کڻي گهوٽڪي جي ڪچي طرف جوابدار وڃي رهيا هئا.ته کين گرفتار ڪيو ويو آهي.۽ پڪڙيل هٿيارن ۾ راڪيٽ لانچر, مارٽر گولا, اينٽي ايئر ڪرافٽ گنون, آر 75 گن, هينڊ گرنيڊ ۽ هزارين گوليون هٿ شامل آهن.ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته ڪاروائي دوران جوابدار سهيل احمد پٽ ممتاز علي ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جو تعلق پنجاب سان آهي.هنن چيو ته پڪڙيل هٿيار افغانستان کان خريد ڪري خيبرپختونخواه پهتا جتان پنجاب ۽ بعد ۾ سنڌ صوبي ۾ پهچڻ بعد ڪچي طرف کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي وئي جنهن دوران هٿيارن جي کيپ پڪڙي ورتي آهي.۽ گرفتار جوابدارن کان جاچ وارو سلسلو جاري آهي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو