گهوٽڪي ۾ بازياب ڇوڪري عدالت ۾ پيش، شادي جي دعويٰ ڪوڙي قرار

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي خانگي هوٽل مان بازياب ٿيل ڇوڪري کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ڇوڪري کي والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ڇوڪريءَ جي پيءُ موجب ان شخص سندس ڌيءَ کي 2 سالن کان اغوا ڪري منشيات جو عادی بڻائي ڇڏيو هو. ايس ايڇ او دهلڪي رضا بلو جو چوڻ هو ته ڇوڪري سميت گرفتار ٿيل شخص غلام اڪبر کوسو خلاف ڪا به شڪايت ناهي ڪئي جنهن تي کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ڊي جي خان پوليس رابطو ڪرڻ تي ڊي جي خان پوليس تصديق ڪئي آهي ته غلام اڪبر ڪار چوري، ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل آهي.پوليس موجب جوابدارن خلاف رڳو ڊيرا غازي خان ۾ 27 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو