گهٽ پاڻي تي وڌيڪ اپت ڏيندڙ ڪمند جو نئون ٻج متعارف

ماتلي (عبدالرزاق پنهور )  فاران شوگرمل شيخ ڀرڪيو طرفان آبادگارن ۽ ھارين ۾ جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ڪمند جي پوکي، پاڻي جي بچت ، زرعي اوزارن ۽ ڀاڻ جي صحيح استعمال سان وڌيڪ پئداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارهون  شوگرڪين سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ علائقي جي سوين آبادگار هارين ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي.  سيميناردوران ڪرشنگ سيزن 2019-2018 ۾ ڪمند جي وڌيڪ پيداوار کڻندڙ آبادگارن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي ماهرن ڪمند جي آبادگارن کي وڌيڪ پيداوار کڻڻ ,نين جنسن بابت ڄاڻ ڏني. ماهرن  زرعي پاڻي جي  جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بچت ڪرڻ ,فصل کي نقصانڪار جيتن کان بائيو ڪارڊ ٽيڪنالاجي ذريعي بچا ءُ ۽ زرعي دوائن جي استعمال بابت مشورا ڏنا. سيمينار کي  فاران شوگرمل جي سربراهه سيٺ احمد علي باواني، ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جاويدرياض سلهيري، مينيجر هيڊ آفيس ملڪ عظيم، ڊي جي ايم ڪين آغا معشوق علي سيمينار کي خطاب ڪيو.  هنن چيو ته ڪمند جي  جديد طريقي سان پوکائي ڪئي  وڃي ، جنهن ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي گهٽ پاڻي تي في ايڪڙ سٺي پيداوار ڏينديون آهن. انهن ۾ ڪمند جو نئون ٻج سي پي ايف 246 تمام بهترين نتيجو ڏنو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ ڪري ڪمند جي پوکائي 35سيڪڙو گهٽجي وئي آهي .جنهن ڪري ڪمند جون نيون جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن. جيڪي علائقي جي موسم مطابق پوکائي ڪري في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي .  سيمينار ۾ فاران شگرمل پاران قرض ذريعي آبادگارن کي  زرعي کاڌ دوائون ۽ ٻج  ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو . ان موقعي تي سي او احمدعلي باواني چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو اگھه دير سان طئي ڪري ٿي جنهن ڪري آباگارن سان گڏ مل مالڪن کي به نقصان رسي ٿو هن چيو ته آبادگار ۽ مل مالڪن کي گھرجي ته  گڏجي ڳالهيون ڪري سنڌ حڪومت کان  ھڪڙو اگھه مقرر ڪرائين جيئن ٽائم تي اگهھ مقرر ٿي سگهي ۽ شگر ملون مقرر وقت تي ھلي سگهن. فاران شگرمل جي سي اي او احمدعلي باواني في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار کڻندڙ ۽ وڌيڪ ڪمند سپلائي ڪندڙ زميندارن ۽ زرعي ڄاڻ ڏيندڙ ماهرن کي انعام پڻ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو