گوادر هوائي اڏو افتتاح بعد به اڃا فنڪشنل نه سگهيو، وزير جي ڪاوڙ

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي فنڪشنل نه ڪرڻ تي رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سول ايوي ايشن ۽ پورٽس اٿارٽي جي اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هن هوائي اڏي کي فور ي تجارتي سرگرمين لاءِ فنڪشنل بڻايو وڃي. هن چيو ته چين جي 23 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ سان تيار ڪيل گوادر هوائي اڏو علائقاي تجارتي سرگرمين جو مرڪز هئڻ گهرجي پر افسوس آهي ته واسطيدار اختيارين ان جي عالمي طور مارڪيٽنگ ئي ناهي ڪئي. جائزا اجلاس جي صدارت ڪندي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال ٻن صفحن تي ٻڌل پريزنٽيشن تي حيران رهجي ويو جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪيوانگ پاران گذريل مهيني افتتاح ڪيل ايئرپورٽ تي مختلف سهولتن بابت خانا پوري ڪيل آهي. هن ”پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي (PCAA) ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (PAA) تي سخت تنقيد ڪئي ته هو ايئرپورٽ کي ڪمرشلائيز ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيان ۾ چيو ويو آهي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽ اٿارٽيز جي انتظاميه بلاڪ ۾ سرڪاري کاتن، پي آءِ اي، گرائونڊ هينڊلنگ ايجنٽن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ڪارگو شيڊز، ڪوريئر سروسز ۽ ٽريفڪ گائيڊنگ سسٽم لاءِ جاءِ الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته ڪولڊ اسٽوريج لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا پيا وڃن. پي ايس او کي تيل جي ذخيري لاءِ جاءِ ڏني وئي آهي ۽ ٻين سهولتن جي مينٽنينس ۽ هوٽل قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته اهو ڪم اوهانکي 2 سال اڳ مڪمل ڪرڻ گهرجي ها جيئن هتان اي 380 ۽ بوئنگ 747 جهڙا وڏا جهاز اڏامي سگهن ها. هن چيو ته چين پنهنجو ڪم ڪري ڇيڏ آهي پر پاڪستان جي زيرو پروگريس آهي. هن چيو ته 6 مهينن اندر گوادر ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪيو عالمي ايئرلائينز سان ڳالهايو جن کي آفريڪن ملڪن ۽ آسٽريليا ڏانهن ويندي ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻو ٿو پوي، انهن کي هن سهولت بابت ٻڌايو ۽ ري فيولنگ ۽ اسٽاپ اوور لاءِ هن کي استعمال ڪريو. ياد رهي ته هن هوائي اڏي جو رن وي 3648 ميٽر آهي ۽ پئسينجر ٽرمينل 14 هزار اسڪوائر ميٽرز تي ڦهليل آهي. هوائي اڏي تي ساليانو 4 لک کان 16 لک مسافرن جي هينڊلنگ جي گنجائش آهي. اختيارين ٻڌايو ته عالمي ايئرلائيننز هن وقت عمان ۽ دبئي جا هوائي اڏا ٽيڪنيڪل سهولتن لاءِ استمال ڪن ٿيون هتي اهي سهولتونگ گهت قيمت ۽ گهت وقت م کين دستياب هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو