گوادر ۾ فائرنگ، بزدلانه ڪارروايون ظلم جي عڪاسي آهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ مسافرن تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ڇهن ماڻهن جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سزا يقيني بڻائي سگهجي.شهباز شريف چيو ته شرپسند بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن. معصوم ماڻهن خلاف شرپسندن جا بزدلانه ڪارروايون انهن جي ظلم کي واضح طور تي ظاهر ڪن ٿيون، پر شرپسندن جي ملڪ دشمن ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏينهن رات ملڪ دشمن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائي رهيا آهن. مون سميت سڄي قوم کي اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو